شاهه رخ خان جي فلم جي ڪري سوين ماڻهن جون شاديون ملتوي…!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي ماضيءَ جي بلاڪ بسٽر فلم ”ديوداس“ ممبئيءَ ۾ سوين شاديون ملتوي ٿيڻ جو سبب بڻي.
هيءَ فلم اڄ به مداحن جي ذهن ۾ تازي آهي، هڪ اهڙي شاهڪار فلم جنهن شاهه رخ خان کي ورسٽائل اداڪارن جي قطار ۾ آڻي بيهاريو.
اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون سنجي ليلا ڀنسالي جي 2001ع ۾ رليز ٿيل فلم ”ديوداس“ جو، جنهن جي شوٽنگ لاءِ ممبئيءَ جا سڀ جنريٽر اڳواٽ ئي بُڪ ڪيا ويا هئا، جنهن سبب سوين شاديون ملتوي ڪرڻيون پيون.
فلم جي سينيماٽوگرافر بنود پرڌان ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته فلم جي شوٽنگ دوران کيس ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو.
هن ٻڌايو ته فلم ۾ چندر مکي جي ڪوٺي جو سيٽ هڪ ڪلوميٽر جي ايراضي تي لڳايو ويو، جنهن ڏسي سڄي پروڊڪشن ٽيم وائڙي ٿي وئي هئي.
پروڊڪشن ٽيم کي بار بار اِهو سوال پريشان ڪري رهيو هو ته ايتري وڏي سيٽ لاءِ لائيٽنگ جو بندوبست ڪيئن ٿيندو؟
سينيماٽوگرافر ٻڌايو ته نيٺ هنن هزارين 100 واٽ جا بلب لڳايا ۽ ممبئي ۾ موجود سڀ جنريٽر بُڪ ڪرڻا پيا، جنهن سبب شهر ۾ جنريٽرن جي کوٽ پيدا ٿي وئي.
جنريٽرن جي کوٽ سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجون شاديون ملتوي ڪرڻيون پيون، ڇاڪاڻ ته شادين ۾ بجلي لاءِ جنريٽرن جي گهرج هوندي آهي.
واضح رهي ته بلاڪ بسٽر فلم ”ديوداس“ 50 ڪروڙ رپين جي بجيٽ سان تيار ڪئي وئي هئي، جيڪا ان وقت بالي ووڊ جي تاريخ جي سڀ کان مهانگي فلم هئي.
فلم ۾ شاهه رخ خان (ديوداس)، ايشوريا راءِ (پارو) ۽ ماڌوري ڊڪشت (چندر مکي) مک ڪردار نڀايا هئا، جڏهن ته جئڪي شروف (چُني بابو) به فلم جو حصو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.