ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار شتروگھن سنها پنهنجي فني سفر دوران ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا، جنهن بابت سندس ڌيءَ اداڪارا سوناڪشي دلچسپ انڪشاف ڪيا آهن.
سوناڪشي سنها پنهنجي پيءُ بابت ڳالهائيندي چيو ته هوءَ شتروگھن سنها مان تمام گهڻي متاثر آهي، ڇاڪاڻ ته کيس فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪيئي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو .
اداڪارا جو چوڻ هوته سندس پيءُ کي ماضيءَ پنهنجي چهري سبب به تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
هن چيو ته هوءَ اهڙيون به ڳالهيون ٻڌي چڪي آهي، جن تي يقين ڪرڻ مشڪل هوندو هو ته سندس پيءُ اداڪار به بڻجي سگهي ٿو، ماڻهو چوندا هئا ته اهڙي صورت وارو ماڻهو هيرو ڪيئن بڻجي سگهي ٿو؟
سوناڪشي سنها جو چوڻ هو ته هن پنهنجي پيءُ جو سڄو فني سفر ڏٺو آهي، هن ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا، هن اداڪاري کان سياست تائين پنهنجي ساک متاثر ٿيڻ نه ڏني.
هن چي ته هو پنهنجي پيءُ کي هيرو سمجهي جنهن کيس زندگي جيئڻ جو اتساهه ڏنو.
You might also like