” عمران خان کي پيش نه ٿو ڪري سگهجي“ عدالت جو لا ڪلرڪ ڪميشن کي جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مشال يوسفزئي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات بابت درخواست تي لا ڪلارڪ تي ٻڌل ڪميشن کي عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان، مشال يوسفزئي جي عمران خان سان ملاقات کان روڪڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي طلب ڪيو.
عدالت حڪم ڏنو ته سپرنٽينڊنٽ جيل عمران خان سان ملي، پڇي ته مشال يوسفزئي سندن وڪيل آهي يا نه ۽ پوءِ عدالت کي آگاهه ڪري.
عدالت رمارڪس ڏنا ته گذريل ٻڌڻي تي ڌرين جي راضپي سان ملاقات جو حڪم ڏنو ويو هو، پر جيل اختيارين عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو، جيڪو توهينِ عدالت جي دائري ۾ اچي ٿو.
عدالت چيو ته جيڪڏهن لسٽ پيش ڪئي وئي آهي ته ان جي به تصديق ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن عدالت مطمئن نه ٿي ته عمران خان کان سڌيءَ ريت پڇيو ويندو.
عدالت جيل اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت جو حڪم مذاق ناهي، ان تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي.
عدالت حڪم ڏنو ته عمران خان کي 2 وڳي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهيو ته پوءِ 3 وڳي ذاتي حيثيت ۾ پيش ڪيو وڃي.
وقفو ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته جج، مشال يوسفزئي کان پڇيو ته هوءَ عمران خان جي ڪهڙي ڪيس ۾ وڪيل آهي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ هن جا ڪيترا ڪيس هلندڙ آهن؟
ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد عدالت کي آگاهه ڪيو ته عمران خان کي سيڪيورٽي خدشن سبب جيل کان عدالت آڻڻ ممڪن نه آهي ۽ وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جي سهولت به دستياب نه ٿي سگهي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ آءِ جي اسلام آباد کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
عدالت لا ڪلارڪ سڪينا بنگش کي ڪميشن طور مقرر ڪندي حڪم ڏنو ته هوءَ جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪري ۽ پڇي ته مشال يوسفزئي سندس وڪيل آهي يا نه.
عدالت هدايت ڪئي ته ڪميشن سڀاڻي عمران خان سان ملاقات ڪري، جڏهن ته جيل سپرنٽينڊنٽ ان لاءِ بندوبست ڪري.
مشال يوسفزئي چيو ته ڪميشن جو مقرري هڪ سنهري موقعو آهي، ان کي اها به جاچ ڪرڻ گهرجي ته عمران خان جي دوستن سان ملاقات ڪرائي پئي وڃي يا نه.
عمران خان جي طرفان 6 وڪيلن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن تي سندن صحيحون پڻ موجود هيون، جڏهن ته اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته هر اڱاري تي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ملاقات ڪرائي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.