هن عيد تي ملازمن ۽ شاگردن کي ڊگهيون موڪلون، وڏي خبر اچي وئي

رياض ( ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ هن سال ملازمن ۽ شاگردن کي عيدالفطر جون ڊگهيون موڪلون ملنديون.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سعودي ۾ عيد جون موڪلون 30 مارچ آچر کان 2 اپريل اربع تائين هونديون.
سعودي عرب ۾ هفتيوار موڪلون عام طور تي جمعي ۽ ڇنڇر تي ٿينديون آهن، تنهنڪري عيد جون موڪلون 28 مارچ کان ئي شروع ٿي وينديون.
اهڙي ريت جمعي تي هفتيوار موڪلن جي ڪري بند ٿيندڙ ادارا ڇهن ڏينهن کانپوءِ خميس تي کوليا ويندا، جنهن کانپوءِ وري جمعي ۽ ڇنڇر جي هفتيوار موڪل هوندي.
شاگردن لاءِ موڪلون ان کان به وڌيڪ هونديون، تعليم کاتي اعلان ڪيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ 20 مارچ کان 6 اپريل تائين موڪلون هونديون.
ياد رهي ته سعودي عرب ۾ رمضان جي شروعات پهرين مارچ تي ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.