دريائن جي عالمي ڏهاڙي تي اڄ نون ڪئنالن خلاف احتجاج ٿيندو

حيدرآباد(رپورٽر) درياهن جي عالمي ڏهاڙي 14 مارچ تي اڄ،  سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ، گرين پاڪستان انيشيٽو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي خلاف المنظر پل سنڌو درياهه تائين احتجاجي ريليون ڪڍي درياهه کي گلن، لطيف جي بيتن ۽ گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.  سنڌ جي قوم پرست جماعتن  سميت وڪيلن، صحافين، آبادگارن، شاگردن، ليکڪن، شاعرن ۽ اديبن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران حيدرآباد کان ريليون ڪڍي المنظر پل سنڌو درياهه وٽ سنڌو درياهه جي خالي پيل سڪل پيٽ ۾ احتجاج ڪري سنڌو درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. سڄي سنڌ ۾ مختلف قوم پرست جماعتن، صحافتي تنظيمن ۽ وڪيلن پاران احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، ان دوران جنهن به شهر وٽان سنڌو درياهه گذري رهيو آهي اتي عورتون، قومي ڪارڪن، وڪيل، صحافي، ليکڪ ۽ شاگرد احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍي درياهه کي ڀيٽا ڏيندا. حيدرآباد ۽ سکر ۾ سنڌو درياهه جي تحفظ جي لاءِ احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا رٿيل آهن. حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جي ڊي اي، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان ۽ عوامي تحريڪ سميت حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس، سنڌ آبادگار اتحاد ۽ شاگرد تنظيمن سميت مختلف علمي ۽ ادبي فورمن پاران صبح جو 11 وڳي کان شام 5 وڳي تائين المنظر پل وٽ سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ، گرين پاڪستان انيشيٽو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي خلاف ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، درياهه کي گلن، لطيف جي شاعري ۽ گيتن سان ڀيٽا ڏئي درياهه جي تحفظ ۽ بقاءَ جو ورجايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.