بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ حملا نئين عالمي جنگ جي تيارين جي شروعات آهن: ايمل ولي

پشاور (م ڊ) اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان خبردار ڪيو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي سرزمين تي چين ۽ آمريڪا جون نئين عالمي جنگ جون تياريون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر قوم ۽ رياست کي تنبيهه ڪريون ٿا ته رانديگر تبديل ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ هڪ پرائي جنگ ۾ اسان جي ٻارن کي ڌڪڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. پشاور ۾ خطاب ڪندي ايمل ولي خان چيو ته ماضي ۾ به جڏهن آمريڪا ۽ روس وچ ۾ جنگ جاري هئي ته اسان واضح ڪيو هو ته اهو جهاد نه پر فساد آهي، اڄ اهي ئي مذهبي اڳواڻ جيڪي ڪالهه اسان جي ٻارن کي جنت جي نالي تي جنگ ۾ ڌڪي رهيا هئا، هاڻي ان کي فساد قرار ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته تشدد ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، عليحدگي پسند تحريڪن جو حل رڳو سياسي بنيادن تي ڪڍي سگهجي ٿو، سنجيدگي ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاليسين ۾ شفافيت آندي وڃي ۽ پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آڻي عوام کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته رياست کي عوام سان ويهي خدشا ختم ڪرڻا پوندا، حق مڃڻا پوندا ۽ کين پاڪستان کي مڃڻو پوندو. اي اين پي ڪنهن صورت تشدد جي حمايت نٿي ڪري سگهي امن لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.