سنڌوءَ تي ڪئنالن خلاف ينگ ڊاڪٽرز جو ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر محبوب نوناري، ڊاڪٽر محمد علي، حسن پٺاڻ، ايڊوڪيٽ عامر وڙائچ، انعم خان، رشيد لاکير ۽ ٻين چيو ته سنڌ موسمي تبديلين جي ورچڙهيل آهي، سالن کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ درياهه ۾ واري اڏامي رهي آهي، سنڌ جي پاڻي تي پنجاب ڌاڙو هڻي رهيو آهي، پاڻي اسان جو جياپو آهي، جنهن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. هنن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ جون زمينون بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جو 7 ڪروڙ عوام پنهنجي حقن لاءِ سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ اهڙي منصوبي کي رد ڪيون ٿا، فوري طور سنڌ دشمن فيصلو واپس ورتو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.