پي ٽي آءِ جو بلوچستان مسئلي تي اي پي سي گهرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شبلي فراز بلوچستان ۾ دهشتگردي جي مسئلي تي اي پي سي گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ  باني کي پي رول تي آزاد ڪري اي پي سي ۾ گهرايو وڃي. هن چيو ته بچاءَ واري وزير کي پنهنجي نالائقي لڪائڻ بدران استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، شين کي اها ئي پارٽي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي جنه پٺيان عوام آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ دهشتگردي جي مسئلي تي مڪمل سياسي سپورٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

  • ڪراچي ۾ ٽرئفڪ حادثا روڪڻ لاءِ خاص شعبو قائم

ڪراچي(رپورٽر) شهر ۾ ٽريفڪ حادثن تي قابو ضابطو آڻڻ لاءِ ڪراچي روڊ ايڪسيڊنٽ اينالائسز نالي سان شعبو  قائم  ڪيو ويو آهي جيڪو روزانو جي بنيادن تي شهر ۾ ٿيندڙ حادثن  جي نگراني ڪرڻxc سان گڏ  حادثن بابت شاهديون گڏ ڪرڻ سميت  باقي  معاملن کي ڏسندو. ڊِي آءِ جي ٽريفڪ آفيس پاران گذريل سال هٿ ڪيل  فينسي نمبر پليٽ، پريشر هارون سميت سموريون غيرقانون  شيون ساڙي تباهه ڪرڻ لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي آهي  تقريب ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو خصوصي طور تي شرڪت ڪئي  جڏهن سمرون ضلعن جي ايس ايس پيز  پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه خطاب ڪندي چيو ته تباهه ڪيل غير قانوني شين کي تباهه ڪرڻ جو اصل مقصد شهرين کي اهو نياپو ڏيڻ آهي ته اهي غيرقانوني شين جي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن ، ڊي آءِ جي ٻڌايو ته ايڪسيڊنٽ ايناليس ٽيم 10 ميمبرن تي ٻڌل آهي ٽيم شهر ۾ حادثن بابت اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ سان گڏ حادثن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ  هوندو.

  • صدر آصف علي زرداري نجي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري نجي دوري تي گڏيل عرب امارات هليو ويو آهي،صدر زرداري 15 مارچ تائين يو اي اي جو دورو ڪندو،ڪابينا ڊويزن  صدر مملڪت جي 13 مارچ کان 15 مارچ تائين موڪل  جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي،سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني قائم مقام صدر جي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.