حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اڄ دريائن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌو کي ڀيٽا لاءِ دريا، سمنڊ، واھن تي، شھرن ۽ ڳوٺن ۾ سڄي سنڌ پرامن احتجاج ڪن. سنڌ واڳن جي گھيري ۾ آھي سنڌ جا نوجوان پنهنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن،هن چيو ته ھي صرف سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ناھي، ھي ڪينال سنڌ جي وجود ۽ بقا تي، سنڌين جي حال ۽ مستقبل تي بدترين حملو آھن.آصف زرداري ڪينالن جي منظوري ڏئي هاڻي چوي ٿو ته ڪينال ڪڍڻ ڪو نه ڏينداسين پنجاب ظلم پيو ڪري اهيا ڊرامي بازي نه ڪيو سنڌ سان ظلم توهان ڪيو آهي هن چيو ته ملڪ جي زرعي ترقي جي نالي تي سنڌ کي بنجر نه بڻايو وڃي.