پ پ سنڌ اسيمبلي ۾ ڊرامو ڪيو آهي:رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر)جيئي سنڌ محاذ جو ھنگامي اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو اجلاس ۾ پيپلزپارٽي پاران سنڌ اسيمبلي ۾ ڪئنالن خلاف پاس ڪرايل ٺھراءُ کي ڊرامو قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو تـ پيپلزپارٽي سنڌ سان بي ايماني پئي ڪري ھنن ئي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ  زمين ڪمپني حوالي ڪئي آھي ھنن گرين پاڪستان انيشٽو جي منصوبي لاءِ سنڌ جا سياحتي ماڳ گورک ھل، ڪينجھر، ھاليجي ڪتي واري قبر ڪارونجھر ۽ کيرٿر لکي ڏئي ڇڏيا آھن ھنن جي 17 سالا دور اقتدار ۾ سنڌ پنھجي وجود کي وڃائيندي رھي آھي اڄ سنڌ جي ماڻھن جي سخت مزاحمت کان پوءِ ۽ جڏھن پ پ وائکي ٿي آھي تڏھن ڪئنالن خلاف ٺھراء آندو اٿن اڳواڻن چيو ته  سنڌ اسيمبلي جو ٺھراء اھميت ضرور رکي ٿو پر اھو ڪافي ناھي ڪئنالن جو خاتمو تڏھن ٿيندو جڏھن ملڪ جو وزيراعظم شھباز شريف اعلان اجلاس ۾ نواز شاهه ڀاڏائي، ايڊوڪيٽ اياز سولنگي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، نظير شيخ، ڪمال مھر، ابرار مورائي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.