ٽنڊو محمد خان/ٽنڊوباگو (نمائندا) سنڌو درياهه تي نون ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي تحريڪ طرفان مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، عبدالله رحمان سمون، ھميرو مل،ڊاڪٽر مشتاق شورو، هرچندلال، حفيظ باگراڻي، غلام علي لغاري، انور رند، ڀارو مل، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ عظيم ڀٽي، پونجو مل، ڪسرو مل، لکي باگراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ۽ ڊيم اڏي درياهه کي ماريو ويو آهي. سنڌو درياهه کي ختم ڪري سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب کي ميساريو پيو وڃي،هوڏانهن عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڳوٺ غلام حيدر جمالي کان ڏيئي شھر تائين 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڏيئي شھر جي مک چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. مارچ ۾ شريڪ ماڻهو”شھباز واضع ڪر اعلان، ڪئنال کپي يا پاڪستان”, "زرداري واضع ڪر اعلان، ڪئنال کپي يا پاڪستان” ، "سنڌ ٿيندي ريگستان, ته ڪيئن ھلندو پاڪستان” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا. مارچ ۾ عورتن ٻارن، آبادگارن، ھارين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مھراڻ درس، جاکرو نوحاڻي، مختيار بڪاري، ايڊووڪيٽ فاضل زئور، مرتضي شام، مرتضي جمالي ۽ ٻين ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽي جي قرارداد ڪوڙ، ٺڳي ۽ منافقت تي ٻڌل آهي، پيپلزپارٽي ڊجيٽل آدمشماري جيان ڪئنالن جي مسئلي تي به سنڌي قوم سان فراڊ ڪري رهي آهي،