سينيئر سياسي اڳواڻ جو پٽ ارمغان جو سهولتڪار؟

ڪراچي (م ڊ) جوابدار ارمغان ناري تي تشدد ڪيو پر ايف آءِ آر داخل نه ٿي، ڪيترن ئي جهيڙن، منشيات جا ڪيس انجام تي نه پهتا، پوليس جي ڇاپي وقت ارمغان فائرنگ ڪري رهيو هو پر پوليس کيس گرفتار نه ڪري سگهي هئي جيستائين هن آءِ فون ۽ ليپ ٽاپ مان ڊيٽا نه ڊليٽ ڪئي، پوليس کي ڪنهن روڪيو هو ۽ ايتري سهولتڪاري ڪنهن ڪئي؟ ذريعن موجب ان حوالي سان هڪ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار 29 سالن جو آهي ۽ سندس هڪ دوست 33 سالن جو آهي، اهو دوست هڪ سياسي پارٽي جي سينيئر اڳواڻ جو ننڍو پٽ آهي. ارمغان جي ان دوست جو پيءُ، سندس ٻئي پٽ ۽ سندن پارٽي جي اعليٰ قيادت به هن ڪيس تي اثرانداز ٿي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو جوابدار کي هر هنڌ سهولت ملي رهي آهي ۽ مرضي جا بيان ڏئي ٿو، جيڪو کيس ٻڌايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.