لاهور(معظم فخر) پرويز خٽڪ ۽ طلال چوڌري جي وفاقي ڪابينه ۾ شموليت خاص ڪري طلال چوڌري جي شامل ٿيڻ تي محسن نقوي ناراض آهي. ٻئي پاسي اهم ذريعا ٻڌائين ٿا ته محسن نقوي جي ناراضگي ۽ محسن نقوي سان ناراضگي جا الڳ الڳ سبب آهن.ڪجهه وقت الڳ ايف آئي اي پاران ملڪ رياض جي دبئي واري بحريه تائون اسڪيم خلاف انتباهه جاري ڪيو ويو هيو ۽ ڪجهه ايف آئي آرز به داخل ڪيون ويون هيون. اهي انهن ماڻهن خلاف ڪٽيون ويون جن دبئي واري پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري ڪئي هئي.پر اهي بعد ۾ ختم ڪيون ويون. محسن نقوي جو سياسي معاملن ۾ تجربو ناهي پر پرويز خٽڪ سياسي هيوي ويٽ شخصيت آهي.ان جي ڪري پرويز خٽڪ جي شموليت محسن نقوي جا اختيار گهٽائڻ برابر آهي ۽ اهو به ته ادارو هاڻي فرد واحد جي سوچ نه پر اجتماعي سوچ جي تحت پرويز خٽڪ وسيلي معاملن کي اڳتي وڌائڻ گهري ٿو.لڳي ائين ٿو ته اداري ڪو نئون پلان جوڙيو آهي جنهن کي محسن نقوي بجاءِ پرويز خٽڪ وسيلي هلايو ويندو.امڪاني طور تي بحريه ٽائون ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارن کي ڇڏائڻ جي ڪري ادارو محسن نقوي سان ناراض ٿيو آهي.هن استعيفيٰ جي ڌمڪي به ڏني آهي. ان کان اڳ آصف زرداري جي صدارت ۾ پيپلز پارٽي واري حڪومت دوران پيمرا چيئرمين جي مقرري لاءِ تيار ٿيل هڪ آرڊر جنهن تي صدر جي صحيح به ٿي وئي هئي محسن نقوي پنهنجي ناراضگي ڏيکاري ان کي ختم ڪرائي چڪو آهي. ان آرڊر م چوڌري عبدالجبار کي پيمرا جو چيئرمين لڳايو پئي ويو پر محسن نقوي جي ناراضگي بعد چوڌري عبدالرشيد کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو هيو.