حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري،نوراحمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو،نور نبي پليجو ۽ سرواڻ جتوئي پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ارسا هٿ وٺي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ پيدا ڪئي آهي. پنجاب تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال کولي سنڌ جي حصي جو پاڻي چورائي رهيو آهي،وفاقي وزير احسن اقبال ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب نٿو کڻي.هنن چيو ته صدر آصف زرداري ڪينالن جي خلاف نه پر ڪينالن جو حمايتي آهي. 26 هين آئيني ترميم، پيڪا ايڪٽ، فارم 47 واري هائبرٽ جمهوريت گرين پاڪستان منصوبي جا حصا آهن. 14 مارچ دريائن جي عالمي ڏينهن تي سنڌو درياهه جي جياپي لاءِ سموري سنڌ ۾ ريليون ڪيون وينديون،