صدر زرداري جو بيان ڪاميابي نه دوکو آهي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ھي دوکو آھي ڪاميابي ناھي، احتجاج تيسين  جاري رکبو جيسين صدر ۽ وزير اعظم گڏجي ڪينالز منصوبي جي خاتمي جو اعلان نٿا ڪن. سنڌ جي گھٽي گھٽي ۽ ڳوٺ ڳوٺ کي اوھان جي جبر جي خلاف ائين اٿاري بيھارينداسين، جو اوھان ته ڇا اوھان جا ايندڙ نسل به ياد رکندا،هن چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي ته انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا ته حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.