حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاري ڪميٽي پاران 14 مارچ دريائن جي ڏھاڙي تي سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ۽ سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ درياهه تي وڃي گل نڇاور ڪري ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، جڏھن ته صدر آصف علي زرداري جو بيان ڊرامو آھي. اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. ھن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاھڻ واري منصوبي تي صدر آصف زرداري جو بيان ڊرامي بازي آهي، جيڪڏھن پيپلزپارٽي سنڌ سان سچي آھي ته وفاقي حڪومت جو ساٿ ڇڏي، جڏھن ته ڪئنالن خلاف سنڌ جا ماڻهو ڀرپور جدوجهد جاري رکندا.