سنڌ جي ردعمل کي منهن ڏيڻ پ پ جي وس جي ڳالهه نه رهي

اسلام آباد( رزاق کٽي) 9 جولائي 2024 تي ڊان اخبار هڪ خبر شايع ڪئي ته 8 جولائي تي  ايوان صدر ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ صدر آصف زرداري پاران بلوچستان جي 7 لک 13 هزار ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ ڪڇي ڪينالي تي ڪم کي تيز ڪرڻ ۽ منصوبي کي ڏيڍ سال اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن گرين پاڪستان انيشئيٽو جي اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ڪئنالن جي تعمير تي زور ڀريو  انهن واهن ۾ چشما رائيٽ بينڪ ڪينال، ڪڇي ڪينال،چولستان ڪينال،گريٽر ٿل ڪينال ۽ ريڻي ڪينال شامل هئا.صدر نه رڳو انهن منصوبن جي حمايت ڪئي پر انهن جي تڪڙي  تڪميل تي زور ڀريو ۽ هن اسٽريٽجڪ واهن سان گڏ موجود سرڪاري زمين جي استعمال ڪرڻ تي به زور ڀريو  هن ارسا جي تنظيمي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ ۽ آبپاشي نظام کي جديد بنائڻ تي به زور ڀريو.هن اسٽيٽ لينڊ بينڪ قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.ان خبر مان واضع ٿئي ٿو ته انهن واهن جي تعمير جي هدايت صدر پاڻ ڏني هئي. هاڻي جڏهن هو چوي ٿو ته سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڪينالن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگجهي ته  هاڻي ٻه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ته يا ته صدر زرداري 8 جولائي 2024 تي ڪوڙ ڳالهائي رهيو هيو يا وري 10 مارچ 2025 تي.اصل مسئلو اهوآهي ته سنڌ اندر عوامي رد عمل ايترو شديد هيو جو ان جو مقابلو ڪرڻ پيپلزپارٽي جي وس ۾ نه هيو. هاڻي جڏهن صدر زرداري اسٽبلشمنٽ کي اکيون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان جو نتيجو سنڌ ۾ ڪرپشن جي نيون نيون ڪهاڻين سامهون اچڻ سان  شروع ٿي ويندو.عجب ڪرپشن جون غضب ڪهاڻيون ۽ دستاويز سامهون ايندا جو ماڻهو حيران رهجي ويندا.جنهن سرڪار کي هو واهن جو فيصلو واپس وٺڻ جو چئي رهيو آهي سا حڪومت خود پيپلزپارٽي جي رحم ڪرم تي هلي رهي آهي اگر پ پ پنهنجي سپورٽ واپس وٺي ته حڪومت ڊهي پوندي.ان وقت جڏهن پ پ اشرافيه جي پارٽي بڻجي چڪي آهي سنڌي عوام ۽ اسٽيبلشمنٽ کي گڏ کڻي هلڻ واري پاليسي ناڪام ئي ٿيڻي هئي.لڳي ٿو ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 12 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.