اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ٽرين تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بلوچ قوم مسافرن ۽ بي گناهه شهرين تي حملو ڪندڙن کي رد ڪري ٿي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورس کي ڀيٽا پيش ڪيان پيو. پ پ چيئرمين بلاول به حملي جي مذمت ڪندي چيو ته حملو مذمت جوڳو آهي، بي گناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته جعفر ايڪسپريس تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد ڪنهن به قسم جي رعايت جي مستحق ناهن.