ڪراچي (رپورٽر) مصطفيٰ عامر جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان جي جسماني رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي. اي ٽي سي ۾ ٻڌڻي دوران ارمغان کي جاچ آفيسر پيش ڪيو. جاچ آفيسر 17 مارچ تائين جسماني رمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته سي سي ٽي وي جو ڊي وي آر هٿ ڪيو آهي، تشدد وارو هٿيار هٿ ڪيو آهي، جوابدار جو هڪ آءِ فون به هٿ ڪيو آهي. عدالت جوابدار جي وڪيل جي عبوري چالان جمع ڪرائڻ جي درخواست تي ڪيس جي جاچ آفيسر ۽ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته عدالت جوابدار کي والدين سان 5 منٽ ملاقات جي اجازت ڏني. سرڪاري وڪيل چيو ته ٻين ادارن کي جوابدار کي گرفتار ڪرڻو آهي، جوابدار هر شئي تي پاس ورڊ هنيو آهي، ان لاءِ وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي. جاچ آفيسر عدالت ۾ ٻڌايو ته جوابدار پنهنجو ڪال سينٽر اسڪردو منتقل ڪيو ۽ پيءُ کي به اسڪردو گهرائي ورتو هو. عدالت ۾ پيش ڪيل رمانڊ رپورٽ موجب جوابدار ارمغان قتل کانپوءِ پيءُ کي آگاهه ڪيو جنهن تي جوابدار جي پيءُ کيس روپوش ٿيڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو ته سافٽ ويئر هائوس جو ڪاروبار شهر کان ٻاهر منتقل ڪري، پوءِ ارمغان ۽ شيراز روپوش ٿي ويا.