ميھڙ ( رپورٽ : فراز چنا ) سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف سبزي فروٽ يونين ميھڙ پاران سبزي جو واپار ڪندڙ ريڙھا ھلائيندڙ پورھيتن، شھرين پاران اربيلو ڪلھوڙو، نثار ميمڻ ، فراز چنا ، آزاد چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فريدآباد اسٽاپ کان گھنٽاگھر چوڪ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي،احتجاجي ريلي ۾ شامل پورھيتن سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف زوردار نعريبازي ڪندا رھيا، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ھر ماڻھو جو جيئڻ سنڌو درياھ سان لاگاپيل آھي، سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي مارڻ برابر آھي، سنڌ جو ڪو به ماڻھو پنھنجي درياھ تي ڌاڙو برداشت نه ڪندو، درياھ تي ڌاڙي خلاف پ پ سرڪار ٻٽ بڻيل آھي. سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو عمل غير آئيني غير قانوني آھي سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آھي، سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي، ڪارپوريٽ فارمنگ نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪيون وڃن.