ڄامشوري ۾ صحافين جو چولستان ڪئنال خلاف مارچ، ڌرڻو

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي ۾ ڄامشورو ميڊيا سينٽر پاران سنڌو درياهه تي ڌاڙي چولستان ڪئنال خلاف احتجاجي مارچ,مظاهرو ڪري ڊي سي آفيس روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو,ميڊيا سينٽر جي سڏ تي ڪيل احتجاج ۾ سياسي,سماجي اڳواڻ، قومپرست پارٽين سميت  وڪيل,صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڪئنال سمورا نا منظور جهڙا نعرا هڻي مارچ ڪيو،ڄامشورو ميڊيا سينٽر جي سڏ تي ريلي ۾ صحافين، ايس ٽي پي , ايس يو پي, جسقم آريسر , پ پ پ شھيد ڀٽو , پاڪستان نوجوان تحريڪ, پي ٽي الف , ڄامشورو بار , سنڌ ملاح فورم گسٽا اڳواڻن سنڌ ادبي سنگت سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سول سوسائٽي سياسي گسٽا سماجي اڳواڻ اديب وڪيل دانشور استاد شاگردن سميت شھرين وڃي  انگ ۾ شرڪت ڪري اسد مڱريو,ابوالحسن چانڊيو,منور ڇانڊيو,امداد پنهور,راشد پنهور,بار جي صدر فهيم انڙ، جبار ڪابورو,يونس اوٺو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪيو ويو,ڪئنالن خلاف زوردار نعري بازي ڪئي، احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌوء تي ڌاڙو نامنظور آھي وفاق ارسا ڪئنال وارو منصوبو سنڌوء جو پاڻي چوري ڪرڻ جي سازش آھي هي چولستان ڀڙڀانگ خطو آباد ڪن ٿا سنڌ واسين جي حصي واري پاڻي تي اهو برداشت نه ڪنداسين,هنن چيو ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آھن پر وفاق سرڪار اڃان پنهنجي هوڏ تي قائم آھي، جسقم آريسر گروپ جي فتاح چنا,ايس يو پي جي خالد لاشاري,امداد پنهور,ديدار ٻگهيو اعجاز سولنگي، حسين سارنگ ۽ ٻين چيو تہ صدر آصف علي زرداري جو بيان سنڌ جي ماڻهن کي احتجاج کي خاموش ڪرڻ لاءِ آھي پر سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو سراپا احتجاج آھن جيستائين وفاق اهو غاصباڻو فيصلو واپس نه وٺندي تيستائين احتجاج جاري رهندو ڪئنال واري منصوبي تي صحيح ڪندڙ قوم کي بيوقوف نٿو ڪري سگهي، هنن چيو ته چولستان ڪئنال هجي يا ٻيو ڪو ڪئنال سنڌوء تي ڌاڙو برداشت نه ڪنداسين,

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.