ڪوٽڏيجي ۾ ڪئنالن خلاف سول سوسائٽي جا مظاهرا

ڪوٽڏيجي(رپورٽ: ثناءُ الله بگٽي) ڪوٽڏيجي ۾ سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيلن ۽ سول سوسائٽي پاران ڌار ڌار احتجاجي ريلي مظاهرو نامعلوم نامعلوم غير قانوني  ڪئنال نامعلوم وفاق حڪومت خلاف نعريبازي خبر موجب سنڌو دريا مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي خلاف  ڪوٽڏيجي بار ۽ سول سوسائٽي پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڪوٽڏيجي آڏو وفاقي حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي منير ناشاد ،مصور حسين ھاليپوٽو فياض سنڌي، شجاعت علي حاجاڻو، علي گل سوھو، شاھد رند ٻين ڪئي هوڏانهن ڪوٽڏيجي بار جي سينيئر ايڊوڪيٽ محمد رضا سومرو، نادر ھاليپوٽو، عاشق علي جسڪاڻي، منور جلباڻي، بشير احمد سيال ۽ ٻين پاران به سنڌو دريا مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪيو ويو ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌي ماڻهن کي گمراهه ۽ بيو قوف بڻائڻ لاءِ چون ٿا ته ڪئنال نه پيا ٺهن پر سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ڪنهن جي به دوکي ۾ نه ايندو ھنن وڌيڪ چيوته جيستائين سنڌ جا سچا سپوٽ ۽ غيرتمند سنڌي زنده آھن ڌرتي ماء جي انچ انچ  جو تحفط ڪنداسين ۽ سنڌ ڌرتي امڙ خلاف ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين حڪومت کي اهو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي سنڌو درياهه مان ڪئنال نڪتا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي اسان ڪڏهن به سنڌ کي بنجر ٿيڻ نه ڏينداسين پنهنجو سر ته ڪپائي سگهيون ٿا پر سنڌو درياھ تي قبضو ڪڏهن برداشت نه ڪيو ويندو سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ وارو عمل فوري طور بند ڪيو وڃي تيستائين تائين احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.