دادو ۾ ڪئنالن خلاف شاگرد ۽ شاگردياڻيون روڊن تي اچي ويا،نعري بازي

دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) واھي پانڌي جي ڳوٺ دودو برھماڻي ۾گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عطر خان برهماڻي جي شاگردن، گرلس اسڪول دودو برھماڻي جي شاگردياڻين ۽ استادن پاران ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا، گرلس اسڪول ڳوٺ دودو برھماڻي جي شاگردياڻين سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اميرزادي برھماڻي، ماسترياڻي زيب النساءَ برھماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته تعليم جو اصل مقصد شعور ڏيڻ آهي ۽ جيڪڏهن تعليم انسان کي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ نه سيکاريندي ته اها تعليم بيڪار آهي، "سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، سنڌ سڪي ٿي او شيطان، ڪئين ھلندو پاڪستان ”  جي نعري سان شاگردن پنهنجي احساسن جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو هاڻ هن اهم مسئلي تي جاڳي پيو آهي، سنڌو اسان جي جئيڻ جو جياپو آھي، پاڻي جي چوري ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي نه ئي ڪاڇي جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ڏبو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ اميرزادي برھماڻي چيو ته سنڌ اندر مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ به پاڻيءَ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضي جي مسئلن تي مظاهرا ٿي رهيا آهن، جتي هر طبقي جا ماڻهو، خاص طور تي شاگرد، سنڌ جي حقن لاءِ اڳيان اچي رهيا آهن، پوري سنڌ هن مسئلي تي هڪ پيج تي نظر اچي ٿي ۽ عوامي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، شاگردن مطالبو ڪندي چيو ته پاڻيءَ جي ورڇ ۾ انصاف ڪيو وڃي ۽ ڪاڇي، گورک سميت سڄي سنڌ جي زمينن تان قبضو ختم ڪري ڪئنالن جو فيصلو واپس ورتو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.