اسلام آباد(م ڊ) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته جعفرايڪسپريس واقعي ۾ دهشت گرد عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي رهيا آهن،اها دعويٰ غلط آهي ته عورتن ۽ ٻارن کي ڇڏيو ويو آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عورتن ۽ ٻارن جي ڪري سيڪيورٽي فورسز انتهائي احتياط کان ڪم وٺي رهيون آهن،يرغمالين کي دهشت گرد جبلن تي وٺي ويا آهن،فورسز هر طرف کان حرڪت ۾ آهن،سمورن ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويندو، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي دشمن سان گڏ اسان جا ماڻهو به دهشتگردن جي حمايت ڪري رهيا آهن،بي ڪيٽيگري واري علائقي ۾ ليويز اهلڪار مزاحمت نه ڪندا آهن،اهي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا آهن،يرغمالين ۾ سويلين ۽ سرڪاري ملازم به آهن،اهي فيملين سان گڏ وڃي رهيا هئا،