گهرو وزير ۽ بچاءُ واري وزير کي عوامي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جو مطالبو

پشاور(م ڊ) پي ٽي آءِ جعفر ايڪسپريس سانحي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهرو وزير ۽ بچا واري وزير کي عوامي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي مرڪزي ترجمان شيخ وقاص اڪرم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نااهل، نڪمي۽ ناقص ترجيح رکڻ وارين حڪومتن ذريعي ملڪ بدترين ڏڦيڙ جي دٻڻ ۾ غرق ٿي رهيو آهي، عوامي مينڊيٽ کان محروم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ کي درپيش حقيقي چيلينجن سان نبرڻ بدران آئين، جمهوريت ۽ عوام جي بنيادي حقن جا جنازا ڪڍڻ ۽ سياسي انتقام جي باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن، هن چيو ته وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ بلوچستان کي مسندن تي ويهڻ جو ڇا باقي ڪو جواز آهي؟ گهرو وزير ۽ دفاع واري وزير کي عوامي ڪٽهڙي ۾ ڇو نه بيهارڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.