وزيراعلى صاحب کلي چوي پيو، سنڌوءَ تي ڪوبه ڪينال نه پيو ٺهي. صدر صاحب چوي پيو ته حڪومت کي ڪينالن وارو منصوبو واپس وٺڻ گهرجي. (مطلب ڪينال ٺهن پيا) اتفاق سان ٻنهي صاحبان جو واسطو ان صوبي سان آهي جنهن صوبي کي ڪينالن تي وڌ ۾ وڌ اعتراض آهن. سموري ڳالهه جو مطلب ته هنن ٻنهي منجهان ڪنهن کي خبر ڪونهي ته ڇا پيو ٿئي يا هو ڄاڻي واڻي ڪن لاٽار پيا ڪن.
ملڪ ٺهڻ کان وٺي پاڪستان رڳو پنجاب کي سمجهيو ويو، جيڪڏهن ڪو وزير بيان ڏي ته ملڪ جي ترقي لاءِ هي ڪم پيا ڪريون ته سمجهبو، پنجاب جي ترقيء لاءِ هي ڪم پيا ڪريون. وڏي ڪمال جي، جادوءَ جهڙي ڳالهه اها ته اهي بيان اڪثر اهي ڏيندا رهيا آهن يا انهن کان ڏياريا ويندا آهن جن جو تعلق پنجاب سان نه هوندو آهي پر جيئن ته ڪرسيء جي چاٻي هن صوبي وٽ آهي ۽ اسان جا اڪثر حڪمران ڪرسي پرستي جا رڪارڊ قائم ڪندڙ آهن ان ڪري اهي ڪرسيء جي رڪارڊن جا قيدي ان تسبيح مان نه نڪرندا آهن.
جنرل ضيا به ڪالاباغ ڊيم لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ چالاڪي ڪندي سنڌ منجهان محمد خان جوڻيجي کي آندو پر جوڻيجي صاحب ان کان انڪار ڪيو. جنرل ضيا کان پوءِ پ پ کي حڪومت ڏني ويئي جنهن پنهنجي حڪمرانيء جي پهرئين بجيٽ (1989-90) ۾ ڪالاباغ لاءِ رقم رکي. (ڏسو بجيٽ گوگل تي). اسان ان دور جا اکئين ڏٺا شاهد آهيون تنهنڪري اهي سڀ ڳالهيون پيا ڪريون. پ پ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت کي ماڻهن اندر لاٿو. جيالن ڪالاباغ کي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ لاءِ وڏو فائدي وارو سمجهائيندي دليل ٺاهيا پر سنڌ جي ماڻهن انهن جا سڀ دليل رد ڪيا پوءِ جڏهن سنڌ جي گهڻگهرن ان تي ڪامياب تحريڪ هلائي، هڪ جملو جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو؛ ڊيم جا حامي سڀ حرامي تڏهن پ پ وارن کي سنڌ پيرن هيٺان کسڪندي نظر آئي ۽ انهن به هن منصوبي جي مخالفت ڪئي.نواز ليگ کي حڪومت ملي ته انهن وري رينگٽ شروع ڪيو، سنڌين وري پنهنجو سگهارو آواز اٿاريو ۽ ڳالهه وري رڪجي ويئي.
مشرف جي آمريتي حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم لاءِ ڀرپور ڪوششون ٿيون. مشرف اعلان ڪيو ته مان ڪالاباغ ڊيم ٺاهي ڏيکاريندس. هن ٽي وي تي مناظري جو چيلينج به ڏنو جيڪو سنڌ جي سپوتن قبول ڪيو. ضلعي ناظمن کي ان لاءِ عوامي رابطه مهم جو حڪم ٿيو ۽ هنن باهه ٻاري ڏني. سنڌ ٽي وي تي هڪ مناظرو/مذاڪرو ٿيو جنهن ۾ هڪ پاسي ٻه ضلعي ناظم (جيڪي هاڻي سنڌ ڪابينه جا وزير صاحبان آهن. انهن منجهان هڪ سينيئر ترين وزير آهي) هئا ٻئي پاسي اياز لطيف پليجو ۽ قادر مگسي صاحبان هئا. ناظم صاحبان ڪرسي جي زور تي ۽ هي صاحب علم جي زور تي ڳالهائيندا رهيا. آخر ۾ هڪ ناظم صاحب اهي لفظ چئي مذاڪرو ختم ڪيو ته؛ سائين اوهان وڪيل آهيو، سٺي تياري ڪري آيا آهيو………. مطلب اسان وٽ سواءِ ڪرسيء جي عشق جي ٻيو ڪجهه ڪونهي. اسان هٿيار ڦٽا ڪيا پر ضمير فروشيءَ کان باز نه اينداسين. ان سموري عرصي ۾ وقت به وقت ٽي وي تي اشتهاري فلمون به هلايو وين، اخبارن ۾ فل پيج جا اشتهار به ڇاپيا ويا.
عمران خان کان به اهڙي ڪوشش ڪرائي ويئي پر ڪا خاطرخواه ڪاميابي ماڻي ڪين سگهيا. ان کان پوءِ هاڻي وري ڪينال کوٽي سنڌوءَ جي پاڻيءَ منجهان چولستان آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو اٿائون. سنڌ جلسن جلوسن ۾ هن منصوبي کي زندگيء موت جو معاملو کڻي اٿي پيئي آهي. سنڌ جا وزير صاحبان سنڌ جي ماڻهن تي ٽوڪ بازيون ڪري فرمائي رهيا آهن ته ڪي به ڪينال ڪونه پيا ٺهن، ڪونه ٺهڻ ڏينداسون پر جيئن ته عام ماڻهو هنن جي نيتن کان واقف آهن اهي سمجهن پيا ته پاڻي زندگي آهي جيڪڏهن اهو نه مليو ته زندگي ختم ٿي ويندي. هن وقت سنڌو درياه ۾ ڪوٽڙي کان پوءِ واري اڏامي ٿي ۽ ڪينالن کان پوءِ گڊو بيراج کان اڳتي واري اڏامندي اهو تصور هر سنڌي سوچي ڪنبي وڃي ٿو ۽ ٻاهر نڪري ٿو.
هاڻي تحريڪ مان هوا ڪڍڻ لاءِ منصوبو جوڙيو ويو آهي ته جيئن هي ڌڪ پچائي وري هن منصوبي کي مڪمل ڪجي. صدر صاحب جي خطاب کي بنياد بڻائي پ پ جا وزير وڙا اعتماد سان اڳتي پيا وڌن. اهي تحريڪ کي هائيجيڪ ڪري ماڻهن وٽ ويندا ۽ وڏي آواز چوندا، اسان ڪينال رد ڪرايا. سندن رڪارڊ سدائين اهڙو رهيو آهي.
اسان سنڌين کي سمجهڻ گهرجي ته ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ دکيندڙ سنڌ مان هوا ڪڍڻ لاءِ سنڌين کي حڪومت ڏيئي ٻه چار پٽيواليون ڏنيون ويون نتيجي ۾ سنڌ ويڙه واري ماحول مان ٻاهر نڪري آئي. هاڻي هو هن تحريڪ مان هوا ڪڍڻ لاءِ ڪوڙيون بيان بازيون پيا ڪن. تحريڪ بند ٿي ته وري هي ساڳيو ڪم اتان ئي شروع ڪندا. ڪم ڪينالن تائين محدود ڪونهي، ڪڏهن به نه. ان کان پوءِ به سنڌين جي حقن سان وڌيڪ هٿ چراند ڪندا رهندا ڇوته کين خبر آهي ته سنڌي جن ماڻهن جي عشق ۾ قيد آهن اهي ڪرسيءَ ۾ قيد آهن ۽ ڪرسي جي چاٻي وري انهن وٽ آهي.