ميري ٽائم وزارت ۾ نئون اسڪينڊل، ٻه آپريشنل بحري جهاز وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميري ٽائم وزارت ۾ زمين جي خرد برد کانپوءِ هلندڙ جهاز وڪرو ڪرڻ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو.
ذريعن موجب پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (پي اين ايس سي) طرفان ٻه آپريشنل جهاز وڪرو ڪيا ويا.
ذريعن موجب جهاز ”لاهور“ ڪيپ ون ڪيٽيگري جو هو، جيڪو روز 27 هزار 500 ڊالرن تي عراقي بندرگاهه تي ٺيڪي تي آمدني ڪمائي رهيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز ”ڪوئيٽا“ پاڪستاني ريفائنريز جي ڊگهي مدي جي ٺيڪي تي تقريبن 12 هزار ڊالر روز ڪمائي رهيو هو.
ذريعن موجب پي اين ايس سي ريفائنريز لاءِ ٻاهران چارٽر جهاز ”سوين ليڪ“ 8 لک ڊالر ماهوار تي ورتو، جنهن سان تقريبن 2 لک ڊالر نقصان ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز آپريشنل ۽ منافعي بخش هئا، اسڪريپ بجاءِ شپنگ ڪمپنين طرفان خريديا ويا، ٻنهي جهازن جي موجوده فريٽ مارڪيٽ گهٽ ۾ گهٽ 40 هزار ڊالر روز آهي.
ذريعن موجب پي اين ايس سي لاءِ 5 جهازن جي خريداري جو معاملو پي پي آر اي ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.
پي اين ايس سي ترجمان موجب ٻن جهازن جي وڪري جو عمل جاري آهي، بورڊ جي منظوري سان وڪري جو فيصلو ٿيو، جهاز فائديمند نه هئا، اجازت ملندي ئي نوان جهاز خريد ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.