بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف جو نيوزيلينڊ جي دوري تي نه وڃڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽنگ ڪنسلٽنٽ محمد يوسف نيوزيلينڊ جي دوري تان هٿ کڻي ورتو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، محمد يوسف پنهنجي ڌيءَ جي بيماري سبب نيوزيلينڊ نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي فيصلي بابت پي سي بي کي آگاهه ڪيو.
محمد يوسف کي تازو ئي پاڪستان ٽيم جو بيٽنگ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو هو، پر هاڻي هو دوري ۾ شامل نه ٿيندو.
پي سي بي واضح ڪيو آهي ته محمد يوسف جي متبادل طور ڪنهن به نئين شخص کي مقرر نه ڪيو ويندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 12 مارچ جي صبح نيوزيلينڊ رواني ٿيندي، جتي قومي ٽيم پنج ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۽ ٽم ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.