ٿرڪول ۾سائنو سنڌ مقامي ماڻهو ڀرتي ڪري:ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ٿر بلاڪ ون ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ (شنگھائي اليڪٽرڪ) کي مقامي ماڻهن جي ڀرتي کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ ان کي مقامي سياسي، سماجي ۽ معزز شخصيتن جي خدشن کي دور ڪرڻ گهرجي،  اهڙن خيالن جو اظهار آفيسرن اڄ سائنو سنڌ (شنگھائي اليڪٽرڪ) جي سي اي او مينگ سان سندس آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي سنڌ توانائي کاتي جو سيڪريٽري مصدق احمد خان پڻ موجود هو. سيد ناصر حسين شاهه هن موقعي تي چيو ته ڪمپني، باغباني، سيڪيورٽي، صفائي، پاڻي نيڪال ڪرڻ، پمپنگ ۽ سار سنڀال جي مختلف حصن ذريعي سولر پلانٽ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي

  1. کنڊ جو اگهه 250 رپين تائين پهچڻ جو امڪان؟

لاهور(م ڊ) کنڊ جي هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالرئوف ابراهيم جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جي ڪا به کوٽ ناهي، پر ملون وڪڻڻ نه ٿيون چاهين، شگر ملون هر طرف نفعو ڪمائڻ ۾ آهن، هاڻي ڪمند جو فصل 9 مهينن کانپوءِ ايندو، کنڊ جو في ڪلو 250  رپين تائين پهچڻ جو خدشو آهي، ڇا اعليٰ اختيارين مافيا کان پڇاڻو نٿيون ڪري سگهن؟ وزيراعظم نوٽيس وٺي، کنڊ جي اگهه ۾ واڌ بابت واپارين جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته رمضان المبارڪ دوران کنڊ جو اگهه 200 رپين تائين پهچي ويندو.

  1. ڏوهه بنا نمبر پليٽ موٽرسائيڪلن ذريعي ٿين ٿا: گهرو وزير

حيدرآباد(رپورٽر) صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آھي ته ڏوھاري سرگرميون بغير نمبر پليٽ وارين موٽرسائيڪلن ذريعي ٿين ٿيون، جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏھن تھ هڪ شهر ۾ ڏوهاري ڏوھ ڪري روڊن رستن ذريعي ٻين شهرن ڏانهن فرار ٿي ويندا آهن،  انھن کي پڪڙڻ ۾ مسئلو ٿئي ٿو، ويران رستن تي سفر ڪندڙ مسافرن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اھڙو اظھار ھن ڪالھه حيدرآباد ۾ سنڌ پوليس ھائي وي پيٽرول يونٽ جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ۽ پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ھن چيو ته هاءِ ويز تي ڏوهن جي شرح ايتري آهي جو پوليس جي ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي ھئي، موٽر وي پوليس جي هاڻ ڪارڪردگي ايتري نه رهي آھي، مون موٽروي  پوليس جي آءِ جي کي پيٽرولنگ ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ چيو هو پر عمل نه ٿيو،انڪري سنڌ پوليس ھائي وي پيٽرول يونٽ جوڙيو، جنھن لاءِ وفاق ڪا به مدد ناھي ڪئي، ھن چيو ته ڏوھن جي شرح ھاڻي ايتري ناھي رھي، پوليس اڄ به اتر سنڌ ۾ آپريشن ڪري رھي آھي، تقريب کي خطاب ڪندي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته سنڌ پوليس هاءِ پئٽرول جو منصوبو امن امان جي بهتري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو، سنڌ پوليس شهادتون ڏٺيون آهن، اڳ به ڪچي کان وٺي روڊن تي ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪيو آهي، ھاڻي به جاري آھي، اڳ ۾ صوبي ۾ اغوا جون وارداتون سون ۾ ھونديون ھيون ھاڻي اھي سنگل ڊجٽ ۾ آھن جيڪي به جلد ختم ڪري وٺنداسين، ڊي آئي جي ھائي وي پيٽرول فدا مستوئي ٻڌايو ته سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم تحت سڄي سنڌ جي 42 ٽول پلازہ تي 406 ڪيميرا لڳايا ويا آھن، ڪراچي جي موٽروي سميت صوبي جي 12 ھائي ويز تي سنڌ پوليس ھائي وي پيٽرول ڪم ڪندي، جن کي 92 بيٽس ۾ ورھايو ويو آھي، ھن يونٽ ۾ اسٽاف ۽ پيٽرولنگ ڪندڙ اھلڪارن جو ڪل انگ 2 ھزار 278 ھوندو.17

  1. پيٽرول 13 کان 15 رپيا ۽ ڊيزل 11 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ به ايندڙ هفتي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي، پيٽرول 13 کان 15  رپيا، ڊيزل 11 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو  ويو آهي، ذريعن موجب اوگرا قيمتن تي نظرثاني بابت پنهنجون سفارشون تيار ڪندي ۽ ناڻي واري وزارت قيمتن تي نظرثاني کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.

  1. ڊي آءِ خان ۾ پيءُ جي آپگهات بعد ڌيءُ چٽي ڏيندڙ 3 جوابدار گرفتار

ڊي آءِ خان(م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان جي ڳوٺ ڀگواڻي ۾ نينگري کي چٽي ڏيڻ جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب هن وقت تائين مک جوابدار سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين ٽن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ياد رهي ته پنچائت پاران 12 ورهين جي نينگريءَ کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ بعد سندس پيءُ زهريليون گوريون کائي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، ان کان اڳ هن پنهنجي آڊيو پيغام ۾ 6 ڄڻن کي ذميوار قرار ڏنو هو.

  1. پ پ وارا خدشن تي ڳالهائيندا ته ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان:  مريم نواز

اسلام آباد(م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته مخالف ڌر بدتميزي ۽ بد تهذيبي جو بنياد رکيو، هاڻي اهي پاڻ ان جو نشانو بڻجي رهيا آهن، پارليامينٽ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عوام هاڻي باشعور ٿي چڪو آهي، عوام ترقي ۽ مسئلن جو  حل چاهي ٿو، عوام مهانگائي ۾ گهٽتائي چاهي ٿو، هاڻي ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، ماڻهو سمجهي چڪا آهن ته بدتميزي ۽ بد تهذيبي ۽ خدمت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟، مخالف ڌر رڳو پنهنجي سياست چمڪائڻ چاهي ٿي، عوامي مسئلن تي ان جو ڪو به ڌيان ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.