اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ترڪمانستان ۾ مقرر سفير کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان جي ترڪمانستان ۾ مقرر سفير احسن وڳڻ کي آمريڪا ۾ داخلا کان روڪڻ بابت سامهون آيل خبر جي تصديق ڪئي.
ترجمان موجب، لاڳاپيل آفيسر نجي دوري تي آمريڪا ويو هو ۽ ان معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني سفير جي آمريڪا مان واپسيءَ وارو معاملو پرڏيهي وزارت ڏسي رهي آهي، مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي، تنهنڪري ڪنهن به قسم جي اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن سفارتي ذريعن اها خبر سامهون آندي هئي ته پاڪستان جي ترڪمانستان ۾ مقرر سفير کي آمريڪا ۾ داخلا کان روڪڻ بعد لاس اينجلس مان واپس ڊيپورٽ ڪيو ويو.