اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) کي زرعي شعبي ۾ انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي شرح بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي ڳالهين دوران پاڪستان آءِ ايم ايف جي شرط تحت ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ قانون سازي بابت تفصيل پيش ڪيا، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن زرعي انڪم ٽيڪس جي شرح وڌائڻ لاءِ قانونسازي ڪئي آهي.
دستاويزن موجب، پاڪستان ۾ زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي شرح ڪارپوريٽ سيڪٽر جي برابر مقرر ڪئي وئي آهي. زرعي شعبي ۾ سالياني 6 لک رپين تائين آمدني تي ڪو ٽيڪس لاڳو نه هوندو.
دستاويزن موجب، سالياني 6 لک کان 12 لک رپين تائين زرعي آمدني تي 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو، جڏهن ته 12 لک کان 16 لک رپين تائين آمدني تي 90 هزار رپيا فڪس ٽيڪس لڳايو ويندو، ان حد کان وڌيڪ آمدني تي 20 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو.
سالياني 16 لک کان 32 لک رپين تائين آمدني تي 1 لک 70 هزار رپيا فڪس ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 16 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي 30 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙيو ويندو.
سالياني 32 لک کان 56 لک رپين تائين زرعي آمدني تي 6 لک 50 هزار رپيا فڪس ٽيڪس هوندو، جڏهن ته 32 لک کان وڌيڪ آمدني تي 40 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو.
دستاويزن موجب، سالياني 40 لک کان 56 لک رپين تائين زرعي آمدني تي 16 لک 10 هزار رپيا ٽيڪس لاڳو هوندو، جڏهن ته 56 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي 45 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو.
You might also like