ارمغان جي پيءُ ۽ ساٿين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) مصطفيٰ عامر اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان ۽ سندس گروهه جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، پوليس جي پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ کي جاچ جو اهم ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پوليس کي گائيڊ لائن جاري ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان  اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پوليس اختيارين کي خط لکي سفارش ڪئي آهي ته مک جوابدار ارمغان جي قبضي مان مليل سموريون شيون بنا دير فرانزڪ جاچ لاءِ موڪليون وڃن ۽ ارمغان جي ويجهن ماڻهن جي سرگرمين جو جائزو وٺي ڪيس داخل ڪيو وڃي، جوابدار ارمغان جي پيءُ کان جاچ ڪئي وڃي سندس ڪرمنل رڪارڊ به چيڪ ڪيو وڃي، جڏهن ته مقتول جي امڙ کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، ان سان گڏ جوابدار جي ساٿين کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.