ڪئنالن واري رٿا تي سخت خدشا آهن، پاڻي سنڌ جي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي: بلاول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نون ڪئنالن بابت فيصلي تي سنڌ کي سخت خدشا آهن، پاڻي جو مسئلو سنڌ جي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي، ان معاملي تي گڏيل فيصلا ڪرڻ گهرجن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ ۾ تاريخي خطاب ڪيو، پهريون ڀيرو ڪنهن سول صدر اٺين دفعو پارليامينٽ سان خطاب ڪيو.
هن چيو ته صدر نفرت بدران اميد جي ڳالهه ڪئي، هڪ پاسي صدر جو خطاب هو ته ٻئي پاسي اپوزيشن جو رويو جيڪو سڀني جي سامهون آهي.
هن وڌيڪ چيو ته صدر وفاق جو چونڊيل آئيني عهديدار آهي، زرداري صاحب پوري قوم جي مسئلن تي ڳالهايو. نون ڪئنالن ڪينالن بابت فيصلي تي سنڌ کي سخت خدشا آهن، اهڙي معاملي تي گڏيل فيصلا ٿيڻ گهرجن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هر اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي جي مسئلي کي اٿاريندا رهيا آهيون، اِهو چوڻ ته پيپلزپارٽي ان معاملي تي خاموش رهي آهي نسورو ڪوڙ آهي.
هن چيو ته پاڻي جو مسئلو هڪ سنگين مسئلو آهي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي، جيڪڏهن درياهه جي آخري ڇيڙي تي رهندڙ ماڻهن کي حق نه ڏينداسين ته پوءِ پنهنجو ڪيس ڪيئن وڙهنداسين؟
هن چيو ته اسان وزيراعظم طرفان رات جي ڊنر تي سندس ٿورائتا آهيون، اتي سياست بابت به ڳالهيون ٿيون. معيشيت بابت هاڪاري اشارا اچي رهيا آهن، جنهن پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان پنهنجا خدشا وزيراعظم جي سامهون رکيا، اميد آهي ته ڳالهيون جاري رهنديون.
پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هن ڪڏهن به نه ڏٺو آهي ته ڪا صوبائي حڪومت عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري.
هن خيبرپختونخوا ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو ذڪر ڪندي چيو ته اتي صورتحال بگڙي رهي آهي پر وڏي وزير کي ان جي ڪا پرواهه ناهي، وفاق جي به ذميواري آهي ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي معاملي تي پاڻ نوٽيس وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.