پاڪستان آءِ ايم ايف کي بجلي اگهه گهٽائڻ تي راضي ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اختيارين عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) کي بجلي جي قيمت گهٽائڻ تي راضي ڪري ورتو.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هڪ ارب ڊالر قسط لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن،جنهن دوران توانائي شعبي جا عملدار آءِ ايم ايف وفد سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن.
ذريعن موجب، پاڪستاني اختيارين آءِ ايم ايف کي في يونٽ 2 رپيا بجلي سستي ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو آهي، جڏهن ته بنيادي ٽيرف ۾ 1.5 کان 2 رپيا گهٽتائي بابت ڊگهو سيشن ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ لاٿ جو عمل اپريل کان شروع ٿي سگهي ٿو، پر ان کان اڳ حڪومت کي بجلي جي ورڇ ڪمپنين جي نجي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو نئون گڏيل منصوبو آءِ ايم ايف کي پيش ڪرڻو پوندو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف موجوده نجڪاري منصوبي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي نقصانن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.
حڪومت آءِ ايم ايف کي 3 بجلي ڪمپنين جي نجڪاري جو منصوبو پيش ڪيو آهي، جنهن موجب پهرئين مرحلي ۾ آئيسڪو، فيسڪو ۽ گيپڪو جي نجڪاري ٿيندي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ميپڪو، ليسڪو، ۽ حيسڪو کي خانگائڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.