حيدرآباد(رپورٽر) ملڪ جي چئني صوبن جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 38 کان وڌيڪ انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن 26 هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. 26 هين آئيني ترميم کي چئلينج ڪندڙ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ مزدور اڳواڻن، سماجي تنظيمن جي ميمبرن، انساني حقن جي ڪارڪنن، شاگردن ۽ شهرين محمد تحسين، شهناز شيدي، فريحا عزيز، ماهين پراچا،ندا عثمان چوڌري، لطيف انصاري، فاطمه رزاق، جليلا، مهر صفدر علي، واجد لغاري، رفعا گلاڻي، ريما مريم، پشپا ڪماري، شيوا رام ۽ صفينا جاويد سميت چئني صوبن سان تعلق رکندڙ 38 کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجي وڪيل ثاقب جيلاني معرفت داخل درخواست ۾ 26 هين آئيني ترميم کي عوام جي بنيادي حقن ۽ ملڪ جي جمهوري ڍانچي کي نشانو بنائڻ جو هٿيار قرار ڏيندي ترميم کي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ هنن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ 26 هين آئيني ترميم خلاف داخل ڪرايل درخواست ۾ اسان موقف اختيار ڪيو آهي ته 26 هين ترميم کي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ طئي شده لائحه عمل جي خلاف ورزي جي ذريعي منظور ڪرايو ويو ۽ ان نتيجي ۾ رياست جي اهم ٿنڀ عدليا جي آزادي ۽ خودمختياري تي ڪاري ضرب لڳائي عوام ۽ رياست وچ ۾ سماجي معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي. هي ترميم انتظاميا ۽ پارليامينٽ کي چيف جسٽس ۽ ججن جي مقرري ۾ غير معمولي اختيار ڏئي ٿي. 26 هين آئيني ترميم بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي ۽ حڪومت جي غير قانوني قدمن بابت ڪيسن کي اهڙي آئيني بينچ جي ماتحت ڪري ڇڏي ٿي جنهن جي مقرري ڪرڻ وارن ۾ اڪثريت حڪومتي نمائندا ۽ انتظاميا جي هوندي آهي. 26 هين آئيني ترميم جبري بي دخلي کان ويندي جبري گمشدگين جي مختلف بنيادي حقن جي خلاف ورزين کان تحفظ ۽ ازالي جا رستا بند ڪري ڇڏي ٿي ۽ پاڪستان جي غريب ۽ پٺ تي پيل ماڻهن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ٿي. هي ترميم صحافت جي آزادي کسڻ ۾ معاونت فراهم ڪري ٿي ۽ مزدورن، هارين، شاگردن، عورتن ۽ مذهبي اقليتن جي حقن کي نقصان پهچائي ٿي. ترميم اظهار راءِ، تنظيم سازي، هلڻ ڦرڻ ۽ پرامن اجتتماع ڪرڻ جي آزادين کي محدود ڪرڻ ۽ اختلاف راءِ جي جواب ۾ جبر ۽ طاقت جي استعمال جو رستو ٺاهي ٿي.