اسلام آباد(م ڊ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري جو خطاب تاريخي هو،هن سنڌوءَ تي نون ڪئنالن جي مخالفت ڪئي،خطاب ۾ حڪومت کي مشاورتي طرز حڪمراني اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي ته جيئن سمورين ڌرين جي راءِ شامل هجي،هن چيو ته صدر مملڪت هڪ طرفين حڪومتي پاليسين خلاف خبردار ڪيو جيڪي وفاقي توازن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون،هن چيو ته ائين لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ کي ملڪ ۽ ان جي مسئلن سان ڪا به دلچسپي ناهي،انهن ماڻهن جي ون پوائنٽ ايجنڊا آهي،انتشار پکيڙيو ۽ قوم کي ورهايو