سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سنڌ جي بئراجن تي پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، سکر بئراج تي کوٽ 55سيڪڙوکان وڌي وئي تربيلا ڊئم ۾ ٽن ڏينھن جو وڃي پاڻي بچيو.مٿاھين علائقن ۾ برساتون نہ پوڻ جي ڪري سنڌ ۾ کوٽ 60 سيڪڙوتي پھچڻ جا امڪان خريف جي مند ۾ سنڌ جي ھيٺاھين علائقن حيدرآباد ميرپور خاص ۾ ووئنڻن ڪمند جي پوکائي ۽ باغن کي نقصان پھچندو . سنڌ ۾ پاڻيء جي کوٽ سکر بئراج جي کاٻي پاسي جي نارا ڪئنال ،روھڙي ڪئنال ،خير پور فيڊر ايسٽ ۽ ويسٽ ڪئنالن ۾ 52سيڪڙوکان وڌي وئي آھي. ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ مٿاھين علائقن ۾ بارشون نہ پوڻ جي صورت ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ واري صورتحال انتھائي سنگيني اختيار ڪري ويندي ۽ سنڌ جي ٽنھي بئراجن تي پاڻيءَ جي کوٽ 50 کان 60 سيڪڙوتي پھچڻ جا امڪان وڌي ويا آھن. ان ڏس ۾ آبپاشي ماھرن جو چوڻ آھي تہ ايندڙ ڏينھن ۾ خريف جي مند ۾ روھڙي ڪئنال تي حيدرآباد، ناراڪئنال تي ميرپورخاص۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنال تي وونئڻن، ڪمند جي پوکائي وقت سر نہ ٿيندي، باغن کي سخت نقصان پهچندو.اتان جي ھارين آبادگارن کي شديد نقصان ٿيندو.ھوڏانھن ھن وقت تربيلا ڊئم ۾ پاڻي جي سطح 14سو پنج فوٽن تي وڃي پھتي آھي جڏهن تہ ڊيم خالي ٿيڻ جي سطح 14سو 2 فوٽ ھوندي آھي. ڊيم ۾ ھن وقت صرف ٽن ڏينھن جو ٽي فوٽ پاڻي وڃي بچيو آھي. ايندڙ ٽن ڏينھن ۾ مٿاھين علائقن ۾ بارشون نہ پوڻ ۽ پاڻي نہ اچڻ جي صورت ۾ تربيلا ڊيم خالي ٿي ويندو.ھن وقت تربيلا ڊئم ۾ پاڻيءَ جي آمد 14 ھزار2 سؤ ڪيوسڪ ۽ اخراج 20 ھزار ڪيوسڪ آھي.گڊو بئراج تي پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 26ھزار696ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 22ھزار282ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 20ھزار420ڪيوسڪ ۽ ھيٺاھون وھڪرو 7ھزار100ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 6120ڪيوسڪ آھي جڏهن تہ ھيٺاھون وھڪرو ٻڙي ريڪارڊ ڪيو ويو آھي جڏهن تہ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاء منگلا زون مان پنجند وٽان 5915ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آھي.