صدر زرداري مان، ڇا ڪئنالن خلاف فيصلائتي ڪارروائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي؟

ڪالهه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته ڪجهه هڪ طرفيون پاليسيون وفاق تي شديد دٻاءُ وجهي رهيون آهن، صدر طور سنڌو درياهه مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ واري حڪومتي فيصلي جي حمايت نه ٿو ڪري سگهان. صدر حڪومت کي صلاح ڏني ته هن تجويز تي ٻيهر غور ڪري ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرس سان گڏجي ڪو پائيدار ۽ گڏيل حل ڪڍيو وڃي.

صدر آصف علي زرداري جيئن ته ملڪ جو صدر آهي ۽ ساڳي وقت پ پ جو سربراهه به آهي ۽ سندس جماعت سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي ته ان کي يقيني طور تي اهڙو ئي موقف رکڻ گهربو هيو جيڪا واکاڻ جوڳي ڳالهه آهي پر سنڌ جي عوام جي خواهش آهي ته صدر مملڪت جي حيثيت ۾ هو فيصلائتي ڪارروائي به ڪري جيڪا آخرڪار  کيس ڪرڻي پوندي.ڇا صدر زرداري مان اهڙي فيصلائتي ڪارروائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي، اهو وقت ٻڌائيندو.

سنڌ حڪومت جيڪا پ پ جي آهي ۽ پ پ جنهن کي چونڊن ۾ اڪثريتي  طور تي سنڌي عوام ووٽ ڏئي اقتدار ڏياريو آهي تنهن کي  سنڌي عوام جي سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن  خلاف ڏنل سخت احتجاجي ردعمل جو احترام ڪندي جمهوري طور سنڌي عوام سان بيهندي  وفاقي حڪومت کي پنهنجو صاف فيصلو ٻڌائڻ گهرجي ته اسان ڪئنالن جي معاملي تي اوهان جو ساٿ نه ٿا ڏئي سگهون ۽ نه اوهان جي حڪومت سان اتحادي طور ڪم ڪري ٿا سگهون. پ پ کان اها تقاضا سنڌ ۽ سنڌي عوام جي آهي ۽ سنڌي عوام اهو سمجهي ٿو ته پ پ کي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ بدران تاريخي طور تي سنڌ،  سنڌو درياهه ۽ سنڌي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي ٻي صورت ۾ ممڪن آهي ته پ پ جي سنڌ مان به ائين ئي تڏا ويڙهه ٿي وڃي جيئن ٻين صوبن مان ٿي آهي.

پ پ لفظي طور تي ته سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن واري پاليسي جي خلاف آهي ۽ ان معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ نيئڻ جي موقف تي قائم آهي پر ٻئي پاسي پ پ تي اهو به الزام آهي  ته اها  اندروني طور تي وفاقي حڪومت سان ڪئنالن جي معاملي تي مليل آهي رڳو ظاهري طور تي سنڌي عوام کي دوکو ڏئي رهي آهي ته اها ڪئنال ٺهڻ نه ڏيندي جڏهن ته ٻئي پاسي ڪئنال ٺهي رهيا آهن

ٻئي پاسي وفاقي حڪومت سنڌي عوام جي سراپا احتجاج کي ڪا  اهميت نه ڏيندي اها غلط بياني ڪري رهي آهي ته پنجاب انهن ڪئنالن لاءِ ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نه کڻندو. جڏهن ته اسان هنن ايڊيٽوريلن ۾ ڪافي ڀيرا لکي چڪا آهيون ته پنجاب جي صوبي هر دور ۾ غلط بياني ڪئي آهي، هر دور ۾ پاڻي جي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ ارسا جي مدد سان سنڌ جو پاڻي چوري ڪندو رهيو آهي ايستائين جو 91 وارو پاڻي معاهدو جيڪو پڻ نواز شريف جي حڪومت ۾ سنڌ جي رضامنديءَ  بنا ڪيو ويو هو تنهن معاهدي تي به مسلم ليگ (ن) ۽ ارسا عمل نه ڪري سگهيون آهن ۽ سنڌ کي ڪڏهن به 91 جي معاهدي  تحت ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم اي ايف به پاڻي نه ملي سگهيو آهي اڃان به مشڪل سان 2 يا 3  ايم اي ايف ئي پاڻي ملي سگهيو آهي. جيڪو ناڪافي هوندو آهي. ايتري گهٽ پاڻي ملڻ جو ئي اهو نتيجو آهي جو سنڌو ڊيلٽا مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي،  ڪوٽڙي بيراج سڪل ۽ واريءَ جو ميدان بڻجي ويو آهي، سمنڊ ۾ گهربل درياهه جو پاڻي  نه وڃڻ ڪري سمنڊ اڳتي وڌي سنڌ جي 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين کاري ڪري ڇڏي آهي. جنهن جي خلاف سنڌ 30 سالن کان سراپا احتجاج آهي سنڌي عوام جيئن اڄ نون ٺهندڙ ڪئنالن خلاف متحد ۽ هڪ آواز آهي تيئن ئي ڪالاباغ ڊيم جي خلاف به هو. سو سنڌي عوام اڄ به ڪئنالن  خلاف سراپا احتجاج آهي، تقريبن سڀئي قوم پرست جماعتون روڊن تي آهن، سنڌ جون نياڻيون پڻ ساڻن گڏ آهن سو سنڌي عوام ته ڪليئر آهي. هاڻي سنڌ حڪومت جو فرض آهي ته اها سنڌي عوام سان گڏ بيهي.

هاڻي جڏهن صدر مملڪت آصف زرداري گڏيل پارلياماني خطاب ۾ پنهنجو موقف به صدر جي حيثيت ۾ ظاهر ڪيو آهي ته ڇا اميد ڪري  سگهجي ٿي ته وفاقي حڪومت صدر جي ڏنل صلاح تي عمل ڪندي ڪئنالن بابت نئين سري سان سوچيندي ۽ ڪئنالن تي هلندڙ ڪم کي روڪي ڇڏيندي. ڇا اسان اميد ڪري سگهون ٿا ته صدر زرداري جو اهو  خطاب فيصلائتي ڪارروائي بڻجي سگهي ٿو ۽ وفاقي حڪومت صدر جي تجويز جو احترام ڪندي ان معاملي کي فوري طور تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي ويندي.

اهو به ڏسڻو آهي ته صدر زرداري جي خطاب تي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت يا  اڳواڻ ڪهڙو ٿا ردعمل ظاهر ڪن، انهن اختلافن جي وڌڻ سان پارليامينٽ ۽ حڪومت جي اڳتي ڇا پوزيشن بيهندي سا پڻ ڏسڻي پوندي. باقي سنڌ جو عوام صدر زرداري جي ان خطاب يا پ پ جي موقف کي تڏهن مڃيندو جڏهن واقعي به  سنڌو مان ڪئنال جو ٺهڻ بند ٿي وڃي.جيستائين ڪئنالن جو ٺهڻ بند نه ٿيندو ۽ صدر مملڪت جنهن تي الزام آ هي ته هن سڀ کان اڳ ۾ ڪئنالن واري منصوبي تي صحيح ڪري ڇڏي آهي تنهن اڃان تائين ان الزام جي ڪا ترديد نه ڪئي آهي تنهن ڪري سنڌي عوام جا پ پ، سنڌ حڪومت ۽ صدر مملڪت تي  شڪ شبها قائم آهن ۽ اهي تيستائين ختم نه ٿيندا جيستائين صدر مملڪت ڪئنالن کي عملي طور رد نٿو ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.