ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ دائود انجنئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن پاران يونيورسٽي ۾ هولي ملهائڻ تي داخلا رد ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي، عدالت دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي پاران شاگردن جي داخلا رد ڪرڻ وارو نوٽيفيڪشن ڪالعدم قرار ڏيندي سيڪريٽري يونيورسٽي، وي سي،رجسٽرار،يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر آءِ ٽي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت شاگردن جي يونيورسٽي ۾ داخلا تي پابندي ۽ پورٽل تان هٽايل اسٽيٽس به بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت شاگردن کي ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جو به حڪم ڏيندي عدالت ڌرين کي 30 اپريل تي جواب سميت طلب ڪري ورتو آهي. ڪيسن جي ٻڌڻي سنڌ هاء ڪورٽ جي جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙو ۽ جسٽس محمد عثمان هادي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي، عدالت ۾ درخواستگذارن جي وڪيل فيض الله ملاڻو موقف اختيار ڪندي چيو ته 21 فيبروري تي شاگردن پاران دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ھولي جو تهوار ملهايو ويو هو، وڪيل فيض الله ملاڻو عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته يونيورسٽي ۾ اوم پرڪاش، وسيم جمالي، ساحل ڪمار، سمير حسين ۽ ٻين کي پهرين شوڪاز نوٽس جاري ڪيو ويو پوءِ درخواستگذارن جي يونيورسٽي ۾ داخلا تي پابندي هڻي سينڊيڪيٽ جو اجلاس گهرائي هڪ طرفو فيصلو ڪري شاگردن جي داخلا رد ڪئي وئي وئي.