دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو چيمپيئن بڻجي ويو.
هي ٽورنامينٽ روهت شرما جي ڪيريئر جو ستون وڏو ٽائٽل آهي، جنهن ۾ پنج يا وڌيڪ ٽيمن شرڪت ڪئي هئي.
روهيت شرما 2007 واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ، 2013 جي چيمپيئنز ٽرافي ۽ 2016 جو ايشيا ڪپ ( ٽي ٽوئنٽي )، ان کانسواءِ 2018 ۽ 2023 جا ايشيا ڪپ( ون ڊي ) ۽ 2024 وارو ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ به کٽي چڪو آهي.
ڀارت جي رويندرا جاڙيجا ۽ ويرات ڪوهلي ڇهه دفعا پنج يا وڌيڪ ٽيمن واري ٽورنامينٽ کٽي چڪا آهن، جڏهن ته مهندرا سنگهه ڌوني، آسٽريليا جو رڪي پونٽنگ ۽ پاڪستان جا سليم ملڪ ۽ وسيم اڪرم پنج ڀيرا وڏا ايونٽ کٽي چڪا آهن.
You might also like