ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ؟ روهت جو بيان به اچي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ بابت خبرون رد ڪري ڇڏيون.
چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ ڀارت جي فتح کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران روهت شرما پنهنجي رٽائرمينٽ بابت هلندڙ افواهه رد ڪري ڇڏيا.
هن چيو ” مان واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته مان رٽائر نه پيو ٿيان، ماڻهو بي بنياد ڳالهيون پکيڙي رهيا آهن، مهرباني ڪري اڳتي وڌو ۽ ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيو.“
دبئي ۾ ٽورنامينٽ دوران ڀارت جي حڪمت عملي تي ڳالهائيندي، روهت شرما اسپنرن جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو.
هن چيو” جڏهن مون کي دبئي ۾ ٽورنامينٽ بابت خبر پئي ته اسان خاص طور تي چئن اسپنرز جي چونڊ ڪئي، ڇو ته هتي پچ اڳ ئي گهڻي استعمال ٿيل هئي، جتي اسپنر ميچ ونر ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ اسان جي اسپنرن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.“
فائنل جي مشڪل لمحن بابت ڳالهائيندي، هن چيو” شروع ٽي وڪيٽون جلدي وڃائڻ ڏکيو مرحلو هو، پر ڪاميابي لاءِ وڏي ڀائيواري ضروري هئي ۽ ٽيم دٻاءُ تي ضابطو آڻي ميچ پنهنجي نالي ڪيو.“
روهت شرما 2023 ورلڊڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان احمد آباد ۾ ملندڙ شڪست کي به ياد ڪيو.
هن چيو ”2023 ورلڊڪپ جو فائنل نه کٽڻ جو ڏُک آهي، خاص طور تي پنهنجي گهرو ميدان تي پر گذريل ٽن سالن ۾ اسان جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سمورين ميچن ۾ فتح حاصل ڪئي، ٽرافي کنئي ۽ هاڻي چيمپيئنز ٽرافي به پنهنجي نالي ڪئي.“
ياد رهي ته ڀارتي ميڊيا ۾ اهڙون خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته هو اڳ ئي ٽي ٽوئنٽي کي الوداع چئي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.