چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پي سي بي چيئرمين ڇو نه آيو؟ سبب سامهون اچي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي سربراهه محسن نقوي جي غير موجودگي جو سبب سامهون اچي ويو.
محسن نقوي فائنل ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ موجود نه هو، جڏهن ته انعام ورهائڻ واري تقريب ۾ به شرڪت نه ڪرڻ تي ڪيترن ئي پاڪستاني شوقينن حيرت جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب، محسن نقوي صحت جي خرابي سبب فائنل ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان محسن نقوي کي فائنل جي پريزينٽيشن تقريب ۾ وڃڻو هو، پر هو طبيعت خراب هئڻ سبب نه وڃي سگهيو.
پي سي بي جو سي اي او ۽ ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر سيد سمير فائنل ميچ دوران موجود هو، پر ان جي باوجود آءِ سي سي کيس پريزينٽيشن لاءِ نه گهرايو.
ياد رهي ته ڀارت نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو فاتح بڻجي چڪو آهي.
نيوزيلينڊ جي ٽيم 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي 251 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڀارت 49هين اوور ۾ 6 وڪيٽن تي هدف حاصل ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.