حڪومت پاران 15 مارچ تي يوم تحفظ ختم نبوت ملهائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو+م ڊ )حڪومت اسلامو فوبيا خلاف عالمي ڏينهن 15 مارچ تي يوم رسول صه جي تحفظ جي ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، توهين رسالت واري مواد جي روڪٿام بابت آگاهي مهم هلائڻ لاءِ صوبن کي سفارشون جاري ڪيون ويون آهن، پنجاب، سنڌ، اسلام آباد، خيبرپختونخواهه،  بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مذهبي معاملن واري سيڪريٽرين کي سفارشون جاري ڪيون ويون آهن، مولانا حنيف جالندهري، علامه محمد افضل حيدري، مفتي منيب الرحمان، پروفيسر ڊاڪٽر ساجد مير ۽ مولانا عبدالمالڪ به عوام ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

  1. صوابي ۾ جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جو ڀاءُ قتل

صوابي(م ڊ) صوابي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان جو وڏو ڀاءُ شڪيل احمد خان مارجي ويو. پوليس موجب مقتول کي سندس پاڙيسري فائرنگ ڪري قتل ڪيو.پوليس موجب جوابدار پهريان پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو، جنهن بعد شڪيل احمد خان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته فائرنگ جو نشانو بڻجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته  جوابدار منشيات جو عادی ۽ ذهني مريض آهي. صوابي جي ڪالو خان ​​ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن مشتاق احمد خان جي ڀاءُ جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ چيف سيڪريٽري مشتاق احمد خان کي فون ڪيو. وڏي وزير مشتاق احمد خان سان تعزيت جو اظهار ڪندي سندس ڀاءُ جي قاتل کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

  1. شامي فورسز ۽ بشارالاسد جي حامين ۾ويڙهه،مارجي ويلن جو انگ هزار ٿي ويو

دمشق ( م ڊ) شام جي سڪيورٽي فورسز ۽ صدر بشار الاسد جي وفادارن جي وچ ۾ 2 ڏينهن کان جاري ويڙهه ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ قتل عام ۾ مارجي ويلن جو انگ 1000 کان وڌي ويو آهي، جن ۾ 750 شهري به شامل آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب سڀ کان وڌيڪ 745 شهرين جو قتل عام ڪيو ويو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جا 125 اهلڪار ۽ اسد حامي 148 ويڙهاڪن کي به قتل ڪيو ويو، مبصر گروپ موجب لازقيا شهر جي آس پاس جي وڏن علائقن ۾ بجلي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي،اسد حڪومت جي خاتمي کان 3 مهينا پوءِ شروع ٿيندڙ ان جهڙپ کي دمشق ۾ نئين حڪومت جو وڏو مسئلو قرار ڏنو  يو وڃي، شامي مبصر گروپ جي سربراهه رامي عبدالرحمان چيو آهي ته جوابي ڪارروائي ڇنڇر جي صبح جو بند ٿي وئي، عبدالرحمان علوي شهرين جي قتل عام جي باري ۾ چيو ته اهو شام جي ويڙهه دوران سڀ کان وڏو قتل عام هو، مبصر گروپ اڳ ۾ 200 کان وڌيڪ موت جي خبر ڏني هئي، پر سرڪاري انگ اکر جاري نه ڪيا ويا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.