اوٽاوا(حنيف دوامي)مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار رضوان ڪير آهي؟ هن جي موبائل فون جي سي ڊي آر ڪڍرائي جاچ ڪئي پئي وڃي ته هن جا ڪنهن سان رابطا آهن؟جوابدار ساحر حسن خلاف منشيات ڪيس ۾ هن تي هٿ هلڪو رکيو پيو وڃي،جوابدار ارمغان هن وقت پوليس رمانڊ ۾ آهي،پوليس وٽ هن خلاف جاچ لاءِ رڳو ٽي ڏينهن بچيا آهن،جيل ڪسٽڊي ٿيڻ بعد اهو هاءِ پروفائل ڪيس تاريخ جي دز ۾ رُلي وڃڻ جو امڪان آهي،پوليس سچي ٿئي ته هن ڪيس جي جوابدارن کي ڦاهي جي ڦندي تائين پهچائي سگهي ٿي،آءِ جي سنڌ ان ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسرن تي بي اعتمادي ظاهر ڪري چڪو آهي،ڇو ته پوليس جي جاچ اڳتي ناهي وڌي سگهي،اهو ڪيس ڊيس ايس پي سراج لاشاري،عمر خطاب،انسپيڪٽر غلام نبي آفريدي،ڊي ايس پي اعظم حيات،سليم الله قريشي سٺا جاچ آفيسر آهن،آءِ جي سنڌ انهن کي مقرر ڪري ڪيس جي جاچ ڪرائي سگهي ٿو،سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ٽي ڀيرا رمانڊ ملڻ باوجود سنڌ پوليس هن ڪيس ۾ هيل تائين ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي،جوابدار کان ڪهڙي برآمدگي ٿي،ڪهڙي نشاندهي ڪرائي وئي؟ڪهڙو ثبوت هٿ ڪيو ويو؟ذريعن موجب پوليس ڪرپشن جو ريٽ هن ڪيس ۾ زمين کان آسمان تائين پهچائي ڇڏيو آهي،ارمغان کي بچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي،ذريعن موجب ارمغان جي چاچي پوليس انسپيڪٽر تي هن کي بچائڻ جا الزام لڳي رهيا آهن،هن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي،هن ڪيس ۾ شريڪ جوابدار شيراز جو ميڊيا ٽرائل ڪنهن ڪرايو؟ذريعن ان ٽرائل جو مقصد ارمغان جي سرپرستن تائين اهو پيغام پهچائڻ هو ته ارمغان کي بچائڻو آهي ته 10 بٽ ڪوائن ڏيو،پوءِ ائين ئي ٿيو،شيراز پنهنجي ئي بيان تان ڦري ويو.