ديري اسماعيل ۾ نياڻي کي چٽي ۾ ڏيڻ کان بچائڻ لاءِ سندس والد آپگهات ڪري ڇڏيو

ڊيرا اسماعيل خان(م ڊ) ديري اسماعيل خان جي ڳوٺ ڀگواڻي ۾ پنچائت پاران نياڻي کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ  تي سندس پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ جاري آهي، واقعي جي جاچ کانپوءِ ئي ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس مقامي ماڻهن جي حوالي  سان ٻڌايو ته شهري گذريل آڊيو پيغام ۾ 4 ڄڻن کي ڇوڪريءَ جي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو ذميوار قرار ڏنو هو. خودڪشي ڪندڙ جي آڊيو بيان موجب 12 ورهين جي ڌيءَ جو هن پنهنجي ڀاڻيجي سان رشتو طئي ڪيو هو پر پنچائت ٻئي جي ڌيءَ سان لاڳاپا رکڻ جو الزام هڻي  ڀاڻيجي تي 7 لک رپيا ڏنڊ هنيو ۽ پنچائت منهنجي ڌيءَ کي ٻئي شخص کي سڱ چٽي طور ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ڊي پي او جو چوڻ آهي ته نينگري جي والد جي آڊيو موجب 3 نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.