ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان پپري ۾ ريلي

ملير/گڏاپ(جميل چانڊيو+ممتاز شيخ)ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهن نون ڪئنالن ۽ ملير جي زمينن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ ضلعي ملير طرفان پپري ۾ شاندار ريلي، چشما_جهلم ۽ تونسا_ پنجند سميت پنجاب جا سمورا ٻوڏن وارا ڪئنال بند ڪرڻ جو مطالبو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر پرھ سومر، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، علي محمد ڪلمتي، اقبال جروار، زبير نوناري، سارنگ ڪانڌڙو، ايس ايس ٽي مرڪزي اڳواڻ حبيب کوسو جي اڳواڻي ۾ شاهنواز ڳوٺ کان پپري فٽ بال گرائونڊ تائين احتجاجي ريلي ڪئي وئي.اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي ٿل ڪئنال جيان چولستان ڪئنال ٺاهڻ ۾ به پنجاب سرڪار جو سهڪار ڪري رهي آهي، مريم نواز ۽ آرمي چيف چولستان رٿا جو افتتاح ڪري چڪا آهن پر سنڌ جو وڏو وزير چئي پيو ته ڪئنالن تي ڪم نٿو ٿئي، مراد علي شاهه اهڙا ڪوڙا بيان ڏئي سنڌي قوم جي جدوجهد کي ماٺار ڪرائڻ چاهي ٿو، مراد علي شاهه سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ بدران مريم نواز سرڪار جي ترجماني ڪري رهيو آهي. اڳواڻن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي صورت ۾ ملڪ مٿان ون يونٽ مڙهيو ويو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ملير جي زمينن تي وڏي پيماني قبضن ڪيا پيا وڃن هزارين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪري ڌارين کي آباد ڪيو ويو آھي. ملڪ رياض ۽ ڊي ايڇ اي کي ڪراچي جو مالڪ بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.