ڪراچي ( رپورٽر)مصطفيٰ قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار ارمغان بابت نئون انڪشاف سامهون آيو آهي، جوابدار جي 2 وڌيڪ ڪمپنين ۽ ڪال سينٽر جا تفصيل هٿ ڪيا ويا، ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان اغوا بعد قتل ٿيل مصطفيٰ ڪيس جي مرڪزي جوابدارارمغان بابت نئون انڪشاف سامهون آيو آهي، جوابدار جي وڌيڪ 2 ڪمپنين ۽ ڪال سينٽر جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، ڪراچي ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان کان جاچ جاري آهي، ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ اداري جوابدار ارمغان جي وڌيڪ 2 ڪمپنين جو پتو لڳايو آهي، مجموعي طور تي جوابدارارمغان جي 4 ڪمپنين جا تفصيل گڏ ڪيا ويا آهن، جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار ارمغان جون 2 ڪمپنيون پاڪستان ۾ رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته 2 آمريڪا ۾ به رجسٽرڊ آهن، سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي ڊي وي آر کي درست ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ارمغان جي گهر ۾ پاورڪيبلون لڳايون ويون ۽ ڪال سينٽر ۾ 50 ورڪ اسٽيشنون هيون، سندس ڊجيٽل ڪرنسي اڪائونٽس جي به جاچ ڪئي پئي وڃي، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ارمغان جي گهر مان مليل ليپ ٽاپن جي مڪمل اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، جوابدار ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ بعد جاچ لاءِ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.