ڪئنالن خلاف سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ ڪيو اي ٽي جا مارچ

ڳيريلو/ مٽياري(نمائندا)قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جميل احمد لاڙ، سھيل احمد ابڙو، زبير احمد بروھي شبير سومرو واجد علي جي اڳواڻي ۾ ڳيريلي بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ويو. مٽياري ۾ سڄاڳ ٻار تحريڪ (ڪيو اي ٽي) پاران سنڌو درياھ مان  6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف الھڏنو ساند اسٽاپ کان سڄاڳ ٻار تحريڪ ضلع مٽياري جي صدر جاگير حسين ملاح، فواد ملاح، احسن کوسو، ياسر ملاح، متقين ملاح، شاهزين خاصخيلي،حسيب ڏنگراج، جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري مين اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته چولستان سميت 6 نوان ڪئنال سنڌ لاءِ زھر قاتل آهن. سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آهي نوان ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ مڪمل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.