سيالڪوٽ ( م ڊ)بچاءَ واري وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان جي سرزمين تي اسان سڀني جو گڏيل حق آهي، وزيراعليٰ جي اقليتي ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويو آهي، رواداري اسان جي مذهب جو اهم جز آهي، هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ اقليتي برادري وڏي انگ ۾ رهن ٿا، پنجاب حڪومت پاران اقليتي برادري لاءِ کنيل قدم ساراهه لائق آهن، اقليتن جي حقن جي تحفظ ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ جو وڏو ڪردار آهي.
-
ڊيراغازي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جو حملو ناڪام
ڊيرا غازي خان ( م ڊ ) دهشتگردن پنجاب پوليس جي ڊيرا غازي خان جي لکهاني بارڊر پوسٽ تي هٿيارن سان حملو ڪيو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هي ٻيو ۽ هلندڙ هفتي ۾ ٽيون حملو آهي، پوليس ترجمان موجب پرڏيهي دهشتگردن لکهاني بارڊر پوسٽ تي ڳري هٿيارن سان حملو ڪيو پر پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي دهشتگردن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو،حملي آورن جو انگ 20 کان 25 هو ۽ اهي راڪيٽ لانچر سميت جديد هٿيارن سان ليس هئا، جڏهن ته ڊي پي او ڊيرا غازي خان سيد علي جي سربراهي ۾ ڪي آر ايف جي ٽيمن بروقت ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس ٿرمل اميج ڪيمرائن جي مدد سان دهشتگردن کي بروقت سڃاڻي ورتو ۽ موثر جوابي ڪارروائي ڪندي کين وڏو نقصان پهچايو، دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رهندو ۽ عوام جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقينيٰ بڻايو ويندو.
-
ڪرم ۾ چيڪ پوسٽ تي حملو، 4 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا
پشاور(م ڊ)ڪرم ۾ چيڪ پوسٽ تي حملو، 4 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا آهن. پوليس اهلڪار جو چوڻ آهي ته حملو صبح سوير ڪيو ويو، جنهن ۾ ست ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. هڪ پوليس اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي اي ايف پي نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته ”مقامي طالبان“ ويڙهاڪن آچر تي پاڪستان جي ڪرم ضلعي ۾ هڪ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، گهٽ ۾ گهٽ چار نيم فوجي اهلڪار مارجي ويا. 2021 ۾ ڪابل ۾ افغان طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي. دهشت گرد تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان به پاڪستان جي اتر اولهه وارن علائقن ۾ ڪافي سرگرم آهي ۽ باقاعده سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائي رهي آهي.