سيد قائم علي شاهه جو زندهه پٽ سرڪاري رڪارڊ ۾ مرده قرار

خيرپور(رپورٽ:عبدالمتين مهر ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڊيوٽي ڪندڙ پٽ کي سرڪاري رڪارڊ ۾ مرده قرار ڏنو ويو. اڳوڻي وڏي وزير جو پٽ زندهه ۽ اسپتال ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. سيد قائم علي شاهه جي پٽ، رٽائر ڊاڪٽر لياقت شاهه، سرڪاري رڪارڊ مطابق فوت ٿيل قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته هو زندهه آهي ۽ اکين جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪانٽريڪٽ تي انچارج طور مقرر آهي. ذريعن موجب، سيڪريٽري صحت ملازم ڀرتي ڪيس ۾ اعليٰ عدليا ۾ رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ڊاڪٽر لياقت شاهه ڄاڻايل ڀرتين جا آرڊر جاري ڪيا هئا، پر هاڻي هو فوت ٿي چڪو آهي جڏهن ته حقيقت ۾ ڊاڪٽر لياقت شاهه حيات آهي ۽ پنهنجي ذميوارين نڀائي رهيو آھي. ان معاملي تي ڳالهائيندي، ڊاڪٽر لياقت شاهه حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي ڄاڻ ۾ به نه آهي ته مون کي سرڪاري رڪارڊ  ۾ فوت ٿيل ظاهر ڪيو ويو آهي مون کي ڪوبه سرڪاري نوٽيس يا ليٽر به ناهي مليو جيئن ئي ڪو نوٽيس ملندو، آئون پنهنجو موقف پيش ڪندس. سيڪريٽري صحت سان رابطو ڪيو ويو ته هن ڪنهن به قسم جو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هي غيرمعمولي انڪشاف ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.